Sindhi Poetry in Urdu | Sindhi Shaikh Ayaz and Ustad Bukhari & Ghazal |

sindhi poetry shaikh ayaz
sindhi poetry shaikh ayaz

Sindhi Poetry in Urdu 2 line love for Status. Sindhi poetry shaikh ayazi & Ghazal writing available. We hope you enjoy our collection of Sindhi Shayari SMS & Quotes poetry. Here is more Sindhi poetry in the Sindhi language with images download.

This site has all kinds of 2 lines Sindhi poetry sms Ghazal & Nazam available for Shayari lovers. Read and Share sindhi poetry ustad Bukhari for friends and uploads it on Whatsapp status and Instagram. Android Sindhi Poetry download for app.


Sindhi Poetry in Urdu


 

 

 

 

 

2 line sindhi poetry sms
2 line sindhi poetry sms

 

ڪَــپڙن مان خُـوشبـــــو اچڻ جو ڪـھڙو فائــدو.
مــزو تڏھــن جڏھـــن ڪردار مان خُوشـــبو اچي.

 

 

 


 

 

 

 

 

مند ملٹ جی آئی آ
تون بی رساما هاٹی چهڈ

 

 


 

 

 

 

 

تو سوا ڏينهن ڏکيو ۽ رات زهر جهڙي آ
هي جدائي به ته ڪا قاتل جي قهر جهڙي آ

 

 

 


 

 

 

 

کری درد جی ابتدا تون ھلین وئین
اچی درد جی انتھا بھی کری وج.

 

 

 

 


 

 

 

 

سان اندھيرن سان رکي دوستي روشنين سان بغاوت ڪئي آ
اسان ڪري خريد درد سور سارا سکن جي سخاوت ڪئي آ
اسان تي ن لڳايو اجايو الزام بيوفائي جا
اسان محبت پاڪ رشتي م فقط عبادت ڪئي آ
اسان ڇا ڄاڻون زماني جي اصولن کي
اسان دوست جي ناءٔ جي بس عبادت ڪئي آ

 

 


Sindhi Poetry Shaikh Ayaz


 

 

 

 

sindhi poetry shaikh ayaz
sindhi poetry shaikh ayaz

 

سنڌڙي! تنهنجي سينڌ ڏسي،”
رات ڀٽائي گهوٽ رُنو؛
“شيخ اياز

 

 

 


 

 

 

 

ڪوئي ته تماچي اچڻو آ !”
۽ نوُرا پائي نورئ کي
ئي لھرون لھرون نچڻو آ !
“(شيخ اياز)

 

 

 


 

 

 

 

تون جو مون کي ڪونه مڃيندين”
مون کي ڪابه پرواه نه آهي
آئون سڀاڻي لاء لکان ٿو
جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي
مون تي ميڙو مچڻو آهي
“شيخ اياز

 

 


 

 

 

منهنجي من جي مٽيءَ ۾،”
ڏاڙهونءَ جهڙو ڏنڀ ڦٽو؛

هينئون گهايل هرڻيءَ جيئن،
سامهون سارو وارياسو.
“شيخ اياز

 

 


 

 

 

 

ڪجھ ڏات ڏسو پوءِ بات ڪيو سڀ شور اجايو آ پيارا”
ڪنهن ڪاري چڳ تي رات کُٽي، ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽي،
ائين وقت ڪٽيو، ائين عمر لُٽي، سڀ سانگ سجايو آ پيارا
“شيخ اياز

 

 

 


 

 

 

 

ملين ته اڄ هي ملي وڃ سڀان هجان نه هجان”
خبر نه آهه گهڻا ڏينهن زندگي آهي

سڀاڻي سج نه نڪري متان گهٽائن مان
سڀاڻي ٽهڪ نه ٻڌجن متان َفضائن مان

سڀاڻي مهڪ نه ايندي ايئن هوائن مان
اچين ته راهه ۾ رابيل اڄ ٽري آهي

وري سڳنڌ ايئن ٻي اچي ڪڏهن نه متان
ملين ته اڄ هي ملي وڃ سڀان هجان نه هجان
“شيخ اياز

 

 


 

 

 

 

اڙي اڙي! ترس ترس، ڪنهن کي مٽائين ٿو، بي خبر، نظر ڪر،”
“اياز” آ شاعر محبت، اڙي زمانا! اڙي زمانا
“شيخ اياز

 

 


 

 

 

 

چوڏينھنءَ جي چانڊوڪي آھي، پرين بہ آھي پاس،”
تو کي ڇا ٿيو آ منھنجا من، تو ڇو آنھ اُداس
“شيخ اياز

 

 


 

 

 

 

قدم قدم ھجوم رندان، نظر نظر شراب خانا،”
ڪري ويو ڪير بارشي مي، خمار آلودہ ٿيا زمانا
“شيخ اياز

 

 

 


 

 

 

واڪا ڪندي ووءِ صديون تولئه سنڌڙي”

جا خدا کان نہ ٿي، جا ن امڪان ۾
ڪاله کان ڳالهہ سا آه انسان ۾

رات نانگڻ بہ آ، رات جوڳڻ بہ آ،
رک جٽائون انهيءَ جون سدا ڌيان ۾

هو تہ مونکي چتا تي وٺي ٿي ويا،
مينهن برسي پيو ڪالهہ شمشان ۾

بادلو! بادلو! ڪجھ تہ برسي وڃو،
رات ترسي وڃو هن بيابان ۾

عشق تنهنجو اياز آهہ انسان سان،
هو چون ٿا تہ تون ناهين ايمان ۾

“شيخ اياز

 

 

 


 

 

 

 

 

مون سان وڙهڻ”
آسان نه آهي
تون امير خسروءَ جي سِتار کان وٺي
ميران ٻائيءَ جي گيت تائين،
سڀ سان وڙهي رهيو آهين
۽ ڀٽائي کي ايتري ڪاوڙ آهي،
جو ڪنهن ڏينهن
هو پنهنجي دنبوري سان
تنهنجو سِر ٽوڙي وجهندو
“شيخ اياز

 

 

 


 

 

 

مون کي ماريندين،”
تون ئي پوَندي کوٽِ ۾
ٻوليءَ وليون ايتريون، ڪيئن ڦلاريندين؟
جَڙون، جن کي جُڳَ ٿيا، ڪيئن جياريندين؟
مون کي سانوڻ مينهن جئن، سدا ساريندين
شيخ اياز
ڪَتين ڪَرَ موڙيا جڏهن 2
ڏات وڏي شيءِ ناهي،
پر سَچُ وڏي شيءِ آهي،
۽ جو سَچ مچائي مَچ
سو مَچ وڏي شيءِ آهي
“شيخ اياز

 

 

 

 


 

 

 

 

گيت”
آءُ وهاڻي ويل،
گهڙيءَ جا ميل محبت ڪنهن جي ناهي رهندي
ڪنهن جي ناهي جُوءِ
مگر خُوشبو سدائين آڻي هِير الهندي
پورو ٿيندو پنڌ
سندءِ سوڳنڌ حياتي ويندي ڪهندي ڪهندي
او، منهنجا محبوب
سندم مطلوب اُٺي جي واءُ وڃي ٿي کهندي
ڄاڻان ٿو انجام
ڀري ڏي جام چانڊوڪيءَ جئن لهندي
“شيخ اياز

 

 

 


 

 

 

 

ڀونر ڀري آڪاس”
سڀڪا مومل سڀڪو راڻو
پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي
لُڙڪ به سڀ کي مُرڪ به سڀ کي
سونهن پياري سُرڪ به سڀ کي
پيار به سڀ کي پُور به سڀ کي،
نينهن ڏنا ناسورَ به سڀ کي
هار به سڀ کي، جِيت به سڀ کي
مٺڙا مٺڙا مِيت به سڀ کي
سڀ کي ڳوڙها ۽ ڳاراڻو!
پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي
سڀڪو مومل، سڀڪو راڻو
پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي
شيخ اياز
ڇا تون دانشور آهين؟
ها، تنهنجي دانش ۾ وَِِِرُ ضرور آهي
“شيخ اياز

 

 


 

 

 

هاءِ، پرين ياد آيا”
رات انڌيري، واءُ ٿڌيري، اُڀ تي تارا ڇايا
هاءِ، پرين ياد آيا

جهومر وارا، پيارا پيارا، نيريءَ گَهرائيءَ ۾ تارا
مون جئن اک به نه لاتائون ٿي، پل پل جهاتيون پاتائون ٿي
آهي نينهن به ننڊ جو ويري، جاڳي مون جاڳايا
هاءِ، پرين ياد آيا

ڏيئا ٽِواٽي تي مون ٻاريا، لنگهي ويا سَوَ اُن تان ڌاريا،
آس نه لاٿي، باس به باسي، گذري وَئي پر ٻي چوماسي
جئن جئن پوءِ، تئن پياس گهڻيري، آتا هاءِ اُڃايا
هاءِ، پرين ياد آيا

پوئين پهر فضا گهوماٽي، جهُلڪي تي ٿي سَرد ڏياٽي،
ڪاريون ڪاريون هو گهرايون، وَٽَ کائيندي جئن لهرايون
دور ڦٽي تئن باک ڀليري، گرجا گهنڊ وڄايا
هاءِ، پرين ياد آيا
“شيخ اياز

 

 


Sindhi Ghazal


 

 

 

 

 

sindhi poetry ustad bukhari
sindhi poetry ustad bukhari

وِڇڙيل وَڳر کان مگر هُون، هي دِل اسان جي دادلي آ
نہ رول راڻا ائين تون، هي دِل اسان جي دادلي آ

نہ ڪر تون ناز نيڻن سان نہ تون حياتي ويڙھ وارن سان
نہ تون ارپ ايڏيون يادون هي دِل اسان جي دادلي آ

ائين بہ نہ آهي اڃان ويس اَبَر جا ناهن اسان اوڍيا
چري چاڪ چوري پيا چئون هي دِل اسان جي دادلي آ

نہ ٿي دل گهري وري هاڻي ڪو وقت اٿاريون ننڊ ماضي مان
رنجائي هي دل ڪئين ملون هي دِل اسان جي دادلي آ

ٽُٽل ڪنهن وَڳ کان آهيون رُٺل ڄڻ ھِن جڳ کان آهيون
دَهَرِ دِل ۾ پيا رهون هي دِل اسان جي دادلي آ

ڏُک سندا ڏَڍَ بہ هِن سان يار ويڄ سندا وَڍَ بہ هِن سان
تنهن سان رُئون کلون هي دِل اسان جي دادلي آ

لَهي ڪنهن يادِ ماضي ۾ وڃون اڏريو عَدم ڏي اسان
وري موٽي ٿا احسِن اچون هي دِل اسان جي دادلي آ

 

 


 

 

 

 

تو پُڄاڻان پرين ھر خوشي قھرام ٿي ويئي
سڄڻ زندگي ساري ڄڻ تہ نيلام ٿي ويئي

ڏس تون غور سان سُھڻا حياتي ٻُور ڇاڻي پئي
ويئى چاندي وَھي وارن ۾ جدائي اختتام ٿي ويئي

اَسيري اسان کي آ ارپي ويئي وِڇڙڻ جي موسم
نِينڍ نياپا ڇِنا ننڊ نيڻن لاءِ حرام ٿي ويئي

ڏٺو ھُن وينگس ھڪ وار جڏهن مُرڪي مونڏي
هي دل اهڙي، سجايل ڪُنوار جهڙي، غلام ٿي ويئي

آ خون جي خوشبوء سُتل سنڌ تنهنجي سيني تي
ڪُڏي جا ڪَڇ تنهنجي تي سراپا احترام ٿي ويئي

تون مُرڪئين تہ ڪا شبنم سندءِ باک مِهڪي پئي
تنهنجي خاموش ٿيڻ تي ڄڻ شام ٿي ويئي

پُڄي پرديس پيار کي ڏٺو اکڙين غير سان گڏ
هل واپس هلون احسِن چيائون جام ٿي ويئي

 

 


 

Be the first to comment

Leave a Reply

Your email address will not be published.


*